ڌانڌلي ثابت ٿي ته وزيراعظم کي استيعفيٰ ڏيڻي پوندي: شاهه محمود قريشي

ملتان (بيورو) تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جڊيشل ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ حڪومت کي ڀڄڻ نه ڏنو ويندو، ڌانڌلي ثابت ٿي ته وزيراعظم نواز شريف کي استيعفيٰ ڏيڻي پوندي ۽ اهو اسيمبلي ٽوڙڻ جو پابند هوندو. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو ته پي ٽي آءِ ڌانڌلين جا ثبوت جڊيشل ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، ڪميشن جي ڪارروائي مان هو مطئمن آهن ۽ وٽن اطمينان جوڳا ثبوت آهن. هن چيو ته ڌانڌلين جي ثبوت کانپوءِ حڪومت کي ڀڄڻ نه ڏنو ويندو، ڪميشن جو فيصلو اچڻ بعد وزيراعظم کي استيعفيٰ ڏيڻي پوندي ۽ اهو اسيمبليون ٽوڙڻ جو پابند هوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته پي ٽي آءِ جي پارليامينٽ ۾ واپسي تي ن ليگ جي ڪجهه ماڻهن کي تڪليف آهي پر اسپيڪر استعيفائن بعد رولنگ ڏئي انهن ميمبرز جو موقف رد ڪيو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته پي ٽي آءِ جو مطالبو جڊيشل ڪميشن جو قيام هو، جنهن جي عمل ۾ اچڻ بعد هـُو پارليامينٽ ۾ واپس آيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *