ڌانڌلي ثابت نه ڪري سگهڻ تي عمران خان وائڙائپ جو شڪار ٿي ويو آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد(بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد جو چوڻ آهي ته عمران خان ڌانڌلي ثابت نه ٿيڻ تي غلط ڳالهيون ڪري رهيو آهي ۽ هو ڪهڙي قانون تحت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي عهدو ڇڏڻ جو چئي رهيو آهي جڏهن ته ان جا صلاهڪار ان جي معاشري ۾ بدنامي جو سبب بڻجي رهيا آهن، عمرانخان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي پرويز رشيد جو چوڻ هو ته عمران خان جنهن تي اعتماد جو اظهار ڪري اهو سمجهي وڃي ته ايندڙ وارو ان جو ئي آهي جنهن اليڪشن ڪميشن جي پويان عمران خان هٿ ڌوئي پيل آهي ان تي ئي اعتماد ڪري رهيو عمران خان چئي ٿو ته خيبرپختونخواهه کان علاوه پوري پاڪستان ۾ ڌانڌلي ٿي ۽ ان مطابق اسيمبليون جعلي آهن پر سينيٽ صحيح آهي، هن چيو ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين جو ڏوهه ناهي ڇو ته ان کي ڪابه خبر ناهي ان لاءِ ان جي صلاحڪارن کي پڪڙڻ گهرجي جيڪي معاشي ۾ ان کي بدنام ڪري رهيا آهن. پرويز رشيد چيو ته ڌانڌلي ثابت نه ڪري سگهڻ تي عمران خان وائڙائپ جو شڪار ٿي حوال ڪري رهيو آهي، کيس سُرت کان ڪم وٺڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *