ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جوڙيل جڊيشل ڪميشن جو اجلاس،ڌانڌلين ۾ ملوث ناهيان: محبوب انور

اسلام آباد (بيورو) پنجاب جـي اڳوڻي اليڪشن ڪمشنر محبوب انور، جوڊيشل ڪميشن آڏو هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڊي پرنٽنگ پريس سان فون تي ڳالهائڻ واري الزام کي رد ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته هــُو ڌانڌلين ۾ ملوث ناهي. چيف جسٽس ناصر الملڪ جِي صدارت هيٺ سپريم ڪورٽ ۾ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پنجاب جـَي اڳوڻي اليڪشن ڪمشنر محبوب انور ۽ پرنٽنگ پريس جَي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مظفر چانڊيو سميت 5 عملدار شريڪ ٿيا. ان موقعي تي حڪمران ليگ جَي وڪيل شاهد حامد محبوب انور کان پڇا ڪئي ته ڇا 10 مئي تي سمورن تڪن پولنگ جو سامان پهچايو ويو هو؟ محبوب انور جواب ڏنو ته پنجاب جَي راولپنڊي، قصور نارووال ۽ سرگوڌا سميت 8 تڪن تي سامان نه پهتو هو. شاهد حامد محبوب انور کان ٻيو سوال ڪيو ته ڇا ڊي سي اوز کين اهڙي شڪايت ڪئي هئي، جنهن تي اڳوڻي اليڪشن ڪمشنر جواب ڏنو ته ڊي سي اوز لکت ۾ ڪا به شڪايت نه ڪئي هئي. اليڪشن ڪمشنر جي وڪيل سلمان راجا محبوب انور کان آڏي پڇا ڪئي ته بيلٽ پيپر ڇاپڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي 2 سئو مان 78 ماڻهو مليا، ڇا انهن ڪم ڪيو؟ محبوب انور جواب ڏيندي چيو ته کيس ان حوالي سان ڪا به خبر ناهي. سلمان راجا جي ٻئي سوال جو جواب ڏيندي محبوب انور چيو ته ايم ڊي پرنٽنگ پريس جي ڄاڻايل ڏينهن سندس ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *