ڊپريشن “زومبي” بڻائي ڇڏيو هو: پرينيتي چوپڙا

 

ڪراچي (شوبز نيوز) ديپڪا پڊوڪون کانپوءِ هاڻي اداڪاره پرنيتي چوپڙا به هڪ چيٽ شو ۾ ٻڌايو آهي ته هڪ زماني ۾ هو ڊپريشن جو شڪار هئي ۽ روز روئيندي رهندي هئي. پرينيتي چوي ٿي ته هڪ ته سندس فلمون فلاپ ٿيندي پيون ويون ۽ ٻئي پاسي ڪنهن سندس دل ٽوڙيو جنهن کانپوءِ هن سڀني سان واسطو ختم ڪري ورتو هو نه هو ماڻهن سان ملندي هئي نه ئي پنهنجي گهر وارن سان ڳالهائيندي هئي. پرينيتي چوي ٿي ته هو ڪنهن زومبي جيان ٿي وئي هئي. ان کان اڳ دپيڪا ڊپريشن بابت پنهنجا تجربا ماڻهن سان شيئر ڪيا هئا جنهن کانپوءِ ڊپريشن جهڙو ڳنڀير مسئلو موضوع جو بحث بڻيو ۽ ماڻهن ۾ بيداري پيدا ٿيڻ شروع ٿي وئي ته اها هڪ ذهني بيماري آهي جنهن تي فوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هوڏانهن هڪ ڏينهن اڳ پاڪستاني اداڪارائن ماوره حسين ۽ ورهيه حسين ڊپريشن جو زبردست علاج تجويز ڪيو هو. ٻنهي ڀيڻن جو چوڻ هو ته اسان جيڪو ڪجهه کائيندا آهيون ان جو نتيجو اسان جي ذهني ڪيفيت تي پوندو آهي. لڳي ٿو ته اهي ٻئي ڀيڻون چاهي رهيون هيون ته دل جو نه پر دماغ جو رستو پيٽ سان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *