ڊي جي آءِ ايس آءِ رضوان اختر کي ڪور ڪمانڊر ڪراچي بڻائڻ جو امڪان

راولپنڊي(م.ڊ) ايندڙ ڏينهن ۾ فوج ۾ وڏين تبديلين جو امڪان آهي، ڪور ڪمانڊر پشاور، ملتان ۽ بهاولپور جي تبديلين جو به امڪان آهي جڏهن ته ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر کي ڪور ڪمانڊر ڪراچي بڻائڻ جو به امڪان آهي. جنرل رضوان 22 سيپٽمبر 2014ع تي آءِ ايس آءِ جو سربراهه بڻيو. ان کان پهرين هو ڊي جي رينجرز سنڌ جي عهدي تي رهيو ۽ ڪراچي آپريشن کي ليڊ ڪيو هو. ان ڪري هن جي ڪراچي ڪور ڪمانڊر بڻجڻ جا واضع امڪان آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *