ڊي جي آءِ ايس آءِ جي پاڪ هوائي فوج جي سربراهه سان ملاقات، ملڪي سلامتي جي معاملن تي ويچار

اسلام آباد (بيورو) آءِ ايس آءِ جي نئين مقرر ٿيل ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر پاڪ هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل طاهر رفيق بٽ سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس آءِ ڊائريڪٽر جنرل جو عهدو سنڀالڻ بعد اها سندس ايئر چيف سان پهرين ملاقات هئي. ملاقات ۾ ملڪي سلامتي جي معاملن تي ويچاريو ويو. ايئر چيف آءِ ايس آءِ ڊي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه کي ورجايو ته هي ادارو اوهان جي اڳواڻي ۾ ملڪي مفادن جي بهترين نظرداري ڪندو. ايئر چيف وڌيڪ چيو ته آءِ ايس آءِ هميشه پاڪستاني عوام جي خواهشن مطابق ملڪي مفادن جي حفاظت ڪئي آهي. ان موقعي تي پاڪ هوائي فوج جي سربراهه آءِ ايس آءِ ڊي جي کي هڪ يادگاري شيلڊ پيش ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *