ڊي جي آءِ ايس آءِ امريڪا پهچي ويو

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊي جـِي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر آمريڪا پهچي ويو آهي، جتي هـُو آمريڪي سي آءِ اي چيف سميت ٻين عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪندو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان سرڪاري دوري تي آمريڪا پهچي ويو آهي.ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر آمريڪي ڳجهي اداري سي آءِ اي جي چيف سان ملاقات ڪري ڳجهي ڄاڻ جي مٽا سٽا سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪندو. ڊي جي آءِ ايس آءِ ٻين عسڪري قيادت سان به ملاقاتون ڪري قومي سلامتي، خطي جي سڪيورٽي صورتحال، دهشتگردي خلاف جنگ سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. دوري دوران ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر آمريڪا جي دفاع واري اداري پينٽاگون جو به دورو ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *