ڊي آر او ٺٽي ۾ فوج جي مقرري جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (نمائندن وٽان) ٺٽي ضلعي ۾ سياسي صورتحال چڱي ناهي، ڊسٽرڪٽ ريٽرنگ آفيسر  مڪاني چونڊن دوران ضلعي ۾ فوج مقرر ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۽  اعليٰ اختيارين کي درخواست ڏئي ڇڏي، دادو ضلعي ۾ سڪيورٽي انتظام سنڀالڻ لاءِ رينجرز جا 126 اهلڪار پهچي ويا. ٺٽي ضلعي ۾ مڪاني چونڊن دوران فوج مقرر ڪرڻ لاءِ ڊي آر او پاران اليڪشن ڪميشن ۽ اعليٰ اختيارين کي درخواست اماڻي وئي آهي ۽ دادو ضلعي ۾ سڪيورٽي انتظام سنڀالڻ لاءِ رينجرز جا 126 اهلڪار پهچي ويا آهن. مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي دوران ٺٽي ضلعي ۾ فوج مقرر ڪرڻ لاءِ ڊي آر او پاران اليڪشن ڪميشن ۽ اعليٰ اختيارين کي درخواست اماڻي وئي آهي. ڊي آر او نديم الدين ميمڻ جو چوڻ آهي  ته ضلعي اندر 306 پولنگ اسٽينشنز مان 70 حساس ۽ 171 پولنگ اسٽينشنز انتهائي حساس آهن، جتي فوج مقرر ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي ٺٽو فدا حسين مستوئي جو چوڻ آهي ته حساس پولنگ اسٽيشنز وارن علائقن ۾ اڄ کان هٿيارن جي نمائش ڪندڙن خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. هوڏانهن دادو ضلعي ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي دوران سڪيورٽي انتظام سنڀالڻ لاءِ رينجرز جا 126 اهلڪار پهچي ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *