ڊي آءِ جــِي لاڙڪاڻي، شڪارپور سانحي جي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ جو اعتراف ڪري ورتو، چوڌري نثار جو الزام رد

شڪارپور(ڊ.ر) ڊي آءِ جــِي لاڙڪاڻي، شڪارپور سانحي جي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ جو اعتراف ڪري ورتو، سائين رکيو ميراڻي جو چوڻ آهي ته دهشتگرد شڪارپور مان ضرور گذرندا هوندا، پر شهر دهشتگردن جو ڳڙهه بڻجي وڃڻ وارِي گهرو وزير چوڌري نثار جي ڳالهه درست ناهي. شڪارپور ۾ ايس ايس پي ثاقب اسماعيل ميمڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سائين رکئي ميراڻي چيو ته چوڌري نثار پاران شڪارپور بابت ڏنل بيان سراسر غلط آهي. هـُن چيو ته شڪارپور مان دهشتگرد گذر ضرور ڪندا آهي پر پر شهر دهشتگردن جو حب بڻجي وڃڻ وارِي گهرو وزير چوڌري نثار جي ڳالهه درست ناهي. شڪارپور سانحي بابت ڪا به اڳڀرائي نه ٿيڻ کي پوليس جي ڪوتاهي قرار ڏيندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو چيو ته واقعي ۾ ملوث دهشتگردن جو اڃا تائين ڪو به پتو نه پوڻ پوليس جي ڪوتاهي آهي. هــُن چيو ته پوليس ڳجهن ادارن سان گڏجي دهشتگردن کي سهولتون فراهم ڪندڙن جي ڳولا ڪري رهي آهي. سائين رکئي ميراڻي چيو ته واقعي واري هنڌ تان ڪجهه شيون مليون آهن، جن جي بنياد تي شڪ جي بنياد تي 6 درزين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته اڄ ڏينهن تائين ڪو به سنڌي دهشتگرد منظرعام تي ناهي آيو، جنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته شڪارپور سانحي ۾ ڪو به سنڌي ملوث ناهي. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي تي حملو ذاتي دشمني جو نتيجو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته حاجن شاهه ماڙي واري کي شيعو هجڻ ڪري نشانو بڻايو ويو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *