ڊيٽا بيس جي مضبوط نظام سبب احساس پروگرام مان ڪرپشن ختم ٿي: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته احساس ڪفالت پروگرام لاءِ مضبوط نظام مرتب ڪرڻ سان اهڙن 8 لک ماڻهن جي نشاندهي ٿي جيڪي پروگرام جا مستحق نه هئا ۽ ان ۾ پيسو چوري ڪندڙ سرڪاري ملازم به شامل هئا. اسلام آباد ۾ حساس ڪفالت پروگرام جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته احساس پروگرام جي تحت پهريون ڀيرو 200 ارب رپيا مختص ڪيا ويا ۽ ڪوشش هئي ته جلد کان جلد مستحق ماڻهن ۾ ورهايا وڃن. ان کان سواءِ وزير اعظم مستحق عورتن ۾ ڪفالت ڪارڊ به ورهايا ۽ ڪفالت پروگرام جي آغاز تي سماجي تحفظ بابت خاص مددگار ۽ ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي ڀيٽا پيش ڪئي. هن چيو ته انساني تقاضا آهي ته ڪمزور طبقي تي پيسا خرچ ڪيا وڃن ۽ پروگرام مان ڪرپشن ختم ڪئي وئي جنهن جي ڪري الله جي برڪت شامل ٿي. وزير اعظم عمران خان چيو ته احساس ڪفالت  پروگرام ۾ ٻه مثبت شيون شامل آهن ته عورتن جا بينڪ اڪائونٽ کلڻ سان انهن جو پيسو چوري نه ٿيندو ۽ ايندڙ ڪارڊ جي ذريعي يوٽيلٽي اسٽور تان خريداري به ٿي سگهندي. ان کان سواءِ نادرا عورتن کي اسمارٽ فون ڏيڻ جي تجويز کي مثبت قرار ڏيندي چيو ته اهڙي طرح تعليمي سرگرمين کي هٿي ملندي ۽ ماڻهو پنهنجي شڪايت به داخل ڪري سگهندا. عمران خان چيو ته احساس پروگرام جي تحت مستحق عورتن کي ڳئون ۽ مينهون ڏينداسين جيئن معاشي سرگرمين ۾ به حصو وٺي سگهن. هن چيو ته ٽئين پروگرام جي تحت مستحق گهراڻن جي ٻارن کي اسڪالر شپ ڏينداسين ۽ ان سڀ جو مقصد آهي ته پاڪستان کي فلاحي رياست بڻايو وڃي. وزير اعظم چيو ته 60 لک خاندانن کي هيلٿ ڪارڊ ڏئي چڪا آهيون جنهن ۾ 7 لک 20 رپين جي مد ۾ ڪٿي به وڃي علاج ڪرائي سگهن ٿا. هيلٿ ڪارڊ جي ورڇ جي منصوبي کي وزير اعظم عمران خان موجوده حڪومت جو سڀ کان وڏو ڪارنامو قرار ڏنو. ان کان سواءِ وزير اعظم عمران خان چيو ته 5 لک نوجانن کي هنر سيکارينداسين جيئن هو پنهنجي لاءِ روزگار حاصل ڪري سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *