ڊينگي جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، مريضن جو انگ وڌي سگهي ٿو، پمز ۾ جاءِ خالي رکي وڃي: شيخ رشيد

راولپنڊي (اين اين آءِ) ريلوي جي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڊينگي جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، 5 هزار کان وڌيڪ مريض آندا ويا آهن، تعداد وڌي سگهي ٿو، پمز ۾ جاءِ خالي رکي وڃي، ماڻهن کي احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي، مودي دنيا کي گمراهه ڪري رهيو آهي ان وقت تائين سک سان نه ويهنداسين جيستائين ڪشمير آزاد نٿو ٿي سگهي، خميس تي هولي فيملي اسپتال ۾ شيخ رشيد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊينگي جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، هي 2015 جي وبا کان وڏي وبا آهي، هن چيو ته 5 هزار کان وڌيڪ مريض آهن جن مان 615 مريض داخل ڪيا ويا آهن، هي انگ وڌي به سگهي ٿو تنهنڪري وزيراعظم گذارش ڪندس ته پمز ۾ جاءِ خالي رکي وڃي، هن چيو ته 19 خانگي اسپتالن کي به چوندس ته اهي به بيڊ رکن، ضلعي انتظاميا پاران پوري ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هر هفتي اسپتالن جي پاڻ وزٽ ڪندس، هيلٿ ۽ تعليم تي پاڻ ڌيان ڏئي رهيو آهيان، هن چيو ته ڪنهن ڊينگي مريض جي حالت ڳڻتي جوڳي نه آهي، هڪ سوال تي هن چيو ته اسان ڀارت کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏينداسين، عمران خان جي جدوجهد تاريخ جو حصو آهي، هن چيو ته ڀارتي ايجنٽ کي تڪليف آهي ته مان جذبات جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان پر سنيجنده آهيان، هي مسئلو عمران خان ۽ قمر جاويد باجوه سان حل ٿيندو، هن چيو ته 12 کان ساڍي 12 وڳي عمران خان جي سڏ تي لال حويلي کي بند ڪنداسين، هن چيو ته فضل رحمان کي اسان جي اپيل آهي ته ملڪ جي حالت بهتر نه آهي، مون ٿر ۽ سمجهوتا ايڪسپريس بند ڪري ڇڏي، ڪنهن ۾ جرئت آهي ته هلائي ڏيکاري، هن چيو ته آصف زرداري جيڪڏهن بيمار آهي ته کيس اسپتال منتقل ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *