ڊيل نه ڪنداسين، پهرين به ماڻهن پيرين پئي معافي ورتي هاڻ به وٺندا: سعيد غني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي قيادت لاءِ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ميڊيا ذريعي عجيب صورتحال پيدا ڪئي پئي وڃي ۽ اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته پيپلز پارٽي ڪا ڊيل ڪري رهي آهي جيڪڏهن اسان کي حڪومت سان ڪا ڊيل ڪرڻي هجي ها ته گرفتارين سميت باقي تڪليفون ڇو برداشت ڪريون ها انصاف جا عجيب پيماني پيپلز پارٽي لاءِ ڇو اختيار ڪيا ويندا آهن حڪومتي ميمبرن جا ڪيس انهن جي مرضي سان هلايا ويندا آهن انهن جا جج انهن جي مرضي سان لڳايا ويندا آهن. حڪومت پنهنجي نااهلي ۽ نالائقي کي لڪائڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي خلاف ڪارروائيون ڪري رهي آهي. پيپلز پارٽي جي ماڻهن جا جيڪي آئيني حق آهن انهن جو خيال نٿو رکيو وڃي هڪ ڳالھ مان ڪافي عرصي کان ڪندو اچان ٿو هاڻ اها ڳالھ چيف جسٽس کوسي صاحب ڪري ڇڏي آهي هن پاڻ چيو آهي ته عدالتن جو ڪم آئيني دائري ۾ رهندي ڪم ڪرڻ آهي ٻڌايو وڃي ته اهو ڪهڙي آئين ۽ قانون ۾ لکيل آهي ته ڏوھ ڪراچي ۾ ٿئي جانچ راولپنڊي ۾ ٿي رهي هجي. سعيد غني چيو ته ڇھ مهيان ٿيڻ وارا آهن آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپور جيل ۾ آهن ريمانڊ ختم ٿي ويو نيب کي جيڪا جانچ ڪرڻي هئي سا ٿي وئي پوءِ به انهن کي ناحق جيل ۾ رکيو ويو آهي آصف علي زرداري حڪومت جي بڻايل ميڊيڪل بورڊ جي سفارش تي اسپتال ۾ آهي انهن جا اهي ڊاڪٽر جيڪي کيس سالن کان چيڪ ڪندا اچن ٿا انهن تائين رسائي ڏني وڃي. اسان حڪومت کان ڪو احسان نه پنهنجو حق گھري رهيا آهيون. سعيد غني چيو ته سوين ماڻهن کي گرفتار ڪري پنڊي جيلن ۾ رکيو ويو آهي ڪيترن ئي ماڻهن کي مجبور ڪيو پيو وڃي ته آصف علي زرداري جي خلاف گواهي ڏين هن چيو ته ملڪ ۾ وڌيڪ غلط مثال قائم نه ڪيا وڃن ۽ ڪنهن صوبي کي اهو پيغام نه ڏنو وڃي ته اسان کي اوهان جي عدالتن ۽ جيلن تي ڀروسو ناهي اسان سمجهون ٿا ته اهو سڀ عمران نيازي جي ايمان تي ٿي رهيو آهي فقط ان جي انا کي تسڪين پهچائڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن کي تڪليف ڏني پئي وڃي. پيپلز پارٽي جي سنڌ ۾ حڪومت آهي ته انهن کي ڊپ آهي ان ڪري جانچ ۽ جيلن کي پنڊي منتقل ڪيو ويو جيڪڏهن اهو ڊپ آهي ته ڪي پي ۽ پنجاب ۾ هلندڙ ڪيس سنڌ ۾ منتقل ڪيا وڃن جيڪڏهن اهو معيار هجي ها ته اسين مطمئن ٿي وڃون ها. سعيد غني چيو ته اسان عدالتن کي منهن ڏنو پهرين به ۽ هاڻ به ڏئي رهيا آهيون پهرين به ماڻهن پيرين پئي معافي ورتي هاڻ به معافيون وٺندا. هڪ سوال تي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو ته منهنجي گھري تي ڇاپي ۽ اربين ڊالر ملڻ جي مون کي سوشل ميڊيا کان خبر ملي ان جي ذريعي منهنجي ڪردار ڪشي ڪئي وئي جنهن تي ايف آئي اي کي شڪايت ڪئي آهي شق ته آهي پر وقت کان اڳ ڪجھ به چوڻ صحيح ناهي. هن چيو ته انهن ماڻهن سوچيو ته مان شايد پريشان ٿيندس پر مون انجوائي ڪيو ريڙهي واري جي بيان تي رپورٽ اچي وئي آهي پر منهنجي نظرن کان ناهي گذري ان معاملي ۾ ملوث ماڻهن کي سزا ملڻ گھرجي سعيد غني چيو ته ٿر ۾ ٻارن جون فوتگيون ٿي رهيون آهن پر ايتريون ناهين ٿر ڏوراهون علائقو آهي اسپتال تائين پهچڻ کان پهرين فوتگيون ٿي وينديون آهن هاڻ اسپتالن جي حالت بهتر ٿي آهي پوءِ به ان ڏٺو ويندو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *