ڊيره غازي خان لڳ بس جو موٽر سائيڪل رڪشا کي ٽڪر، هڪ ئي ڪٽنب جي 5 ڀاتين سميت 6 ڄڻا فوت

ڊيره غازي خان (اي پي پي) ڊيره غازي خان لڳ ڄام پور روڊ تي آچر ڏهاڙي روڊ حادثي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جي 5 ڀاتين سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ريسڪيو 1122 مطابق ڪراچي کان ڊيره غازي خان ايندڙ بس ڄام پور روڊ وٽ گرڊ اسٽيشن لڳ موٽر سائيڪل رڪشا کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ منور، سندس زال ۽ 3 ڌيئرون 8 سالا فروه، 5 سالا مهتاب ۽ 2 سالا ثنا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ريسڪيو اهلڪارن زخمين کي ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو آهي. هوڏانهن حادثي واري هنڌ گڏ ٿيل ماڻهن بس ڊرائيور کي مارڪٽ ڪرڻ ۽ مسافرن کي بس مان لاهڻ بعد بس کي باهه ڏئي ڇڏي. اطلاع تي پوليس پهچي هنگامو ڪندڙ ٻن ماڻهن کي حراست ۾ وٺي مڇريل ماڻهن کي ڇڙ وڇڙ ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *