ڊيره اسماعيل خان ويجهو مسافر وين کاهي ۾ ڪري پئي، ٻارڙن ۽ عورتن سميت 10 ماڻهو فوت ، 15 زخمي

ڊيرا اسماعيل  (اين اين آءِ) تيزنا جي ڳوٺ ۾ مسافر گاڏي وڏي کڏ ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 ٻارڙن ۽ 3 عورتن سميت 10 ڄڻا فوت، جڏهن ته 13 زخمي ، اها مسافر گاڏي لاهور ۾ رائيونڊ ۾ ميڙ لاءِ وڃي رهي هئي ته تيز گانا ڳوٺ ويجهو تيز رفتاري سبب گاڏي وڏي کڏ ۾ ڪري جنهن سبب گاڏي ۾ سوار 2 ٻارڙن ۽ 3 عورتن سميت 10 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 12 زخمي ٿي پيا، زخمين کي درازندا اسپتال، مفتي محمود ڊيرا، ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر پهچايو ويو، جڏهن ته سخت زخمين کي پشاور ۽ ملتان روانو ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *