ڊيرن سيمي کي قومي اعزاز ستارهِ پاڪستان سان نوازيو ويو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ڊيرن سيمي چيو آهي ته پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام طرفان ” ستارهِ امتياز “ جو ايوارڊ ملڻ سندس لاءِ اعزاز آهي.ڊيرن سيمي انسٽاگرام  تي ستارهِ امتياز جي اعزاز وٺڻ وارو تصوير شيئر ڪئي.پاڪستان حڪومت پاران اڳوڻي ويسٽ انڊين ڪپتان کي اهو ايوارڊ ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي ڏنو ويو آهي.ڊيرن سيمي انسٽاگرام تي لکيو ته ڪرڪيٽ سبب کيس سموري دنيا جو سفر ڪرڻ ۽ ڪيئي خوبصورت ماڳن تي کيڏڻ جو موقعو مليو ۽ پاڪستان يقينن اهڙو ئي ماڳ آهي.هن چيو ته پاڪستان سدائين گهر جيان محسوس ٿيو، پاڪستاني حڪومت ۽ پاڪستاني عوام طرفان ستارهِ امتياز جو ايوارڊ وصول ڪرڻ مون لاءِ تمام وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *