ڊيرن سيمي جو پاڪستانين لاءِ محبت ڀريو پيغام جاري

 

لاهور (اسپورٽس نيوز) پشاور زلمي جي ڪپتان ڊيرن سيمي پي ايس ايل ٿري کان اڳ پاڪستانين لاءِ محبت ڀريو پيغام جاري ڪيو آهي. جنهن ۾ هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي چاهيون ٿا، گذريل ايڊيشن جي فائنل ۾ به لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ زبردست جوش هو، وڏي خوشي آهي ته مون سان گڏ ڪرس جورڊن، مارلون سموئيلز ۽ ڊيوڊ مالان پاڪستانين جي مهمان نوازي سان لطف اندوز ٿيا ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، قذافي اسٽيڊيم ۾ ٽائٽل کٽڻ سان ٽور جو مزو ٻيڙون ٿي ويو. ڊيرن سيمي چيو ته اسان مداحن طرفان مليل عزت ڪڏهن وساري نٿو سگھان، پاڪستاني مون سان ۽ آئون پاڪستانين سان تمام محبت ڪندو آهيان. سيمي چيو ته گذريل ايڊيشن ۾ قذافي اسٽيڊيم ۾ ٽرافي کٽي،  هاڻي 25 مار تي ڪراچي ۾ به پنهنجي اعزاز جو بچاءُ ڪندي گذريل سال کان وڌيڪ جشن ملهائيدا سين، پي ايس ايل ۾ مهم لاءِ تياريون مڪمل آهن، هر حريف ٽيم جو احترام ۽ راند جو قدر ڪندا آهن پر ڪنهن جي طاقت جي خوف جو شڪار ٿئي بنا رڳو ڪاميابي جي عزم سان ميدان ۾ لهندا سين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *