ڊيرا غازي خان ۾ مدرسي جي ڇت ڪري پئي،6 ٻارڙا دٻجي فوت، ڪيترائي زخمي

ڊِرا غازي خان(م.ڊ)  ڊيرا غازي خان ۾ مدرسي جي ڇت ڪرڻ سبب 6 ٻارڙا دٻجي فوت ٿي ويا ۽ 22 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، ميڊيا رپورٽن مطابق مدرسي ۾ ٻارڙا تعليم پرائي رهيا هئا ته ان دوران برساتن سب زبون ٿي ويل عمارت جي ڇت اوچتو ڌماڪي سان ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ سمورا ٻارڙا مٽيءَ جي ڍيرن هيٺان دٻجي ويا، خبر پوڻ تي علائقي واسين ۽ ريسڪيو ٽيمن پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون، جڏهن ته پوليس به پهچي وئي، امدادي ڪاررواين دوران مٽيءَ جي ڍيرن هيٺان دٻجي ويل ٻارڙن  کي ڪڍي اسپتال پهچايو ويو، جتي علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي 6 ٻارڙا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 22 کان وڌيڪ زخمين کي طبي امداد ڏني وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *