ڊيرا بگٽي ويجهو سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 7 خطرناڪ دهشتگرد مارجي ويا

ڊيره بگٽي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊيرا بگٽي ويجهو سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ ست خطرناڪ قسم جا دهشتگرد مارجي ويا آهن، ايف سي ترجمان چيو آهي ته مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز ۽ گيس پائيپ لائين تي حملن ۾ ملوث هئا. سڪيورٽي فورسز ڊيرا بگٽي ويجهو پيرڪوهه جي علائقي حيدري نالي وٽ ڇاپو هنيو ته هٿياربندن ايف سي تي فائرنگ  ڪري ڏني. ايف سي ترجمان موجب،  اهلڪارن پاران اثرائتي جوابي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران 7 ڏوهاري مارجي ويا. ايف سي جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ مارجي ويل دهشتگرد ايف سي تي حملن ۽ گئس پائيپ لائينز کي تباهه ڪرڻ وارين مختلف ڪارروائين ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهربل هئا. ترجمان موجب، ڪارروائي دوران 30 ڪلو ڌماڪيدار مواد، 20 بارودي سرنگهون، 30 ڊيٽو نيٽر، 4 لائيٽ مشينون ۽ هڪ راڪيٽ هٿ ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *