ڊيجيٽل پاڪستان اسان جو مستقبل آهي، نوجوانن جون صلاحيتون دنيا جي سامهون آڻينداسين: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ڊيجيٽل پاڪستان اسان جو مستقبل آهي ۽ ان جي ذريعي دنيا جي ٻي سڀ کان وڏي نوجوان آبادي تي ٻڌل ملڪ هئڻ جي ڪري اسان جي آبادي اسان جي طاقت بڻجي ويندي. ڊيجيٽل پاڪستان ويزن بابت تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته مون کي ڊيجيٽل پاڪستان تي پهرين ڌيان ڏيڻ گهرجي ها ڇو ته هي اسان جي نوجوانن جي لاءِ اهم آهي، دنيا ان ڏانهن وڃي رهي آهي پر اسان پوئتي رهيل آهيون. هن چيو ته هاڻ اسان جو سڄو ڌيان ڊيجيٽل پاڪستان منصوبي تي هوندو جنهن جي ذريعي اسان نوجوانن جون صلاحيتون دنيا جي سامهون آڻينداسين ۽ ان هڪ شئي سان اسان جي نوجوان آبادي اسان جي لاءِ طاقت بڻجندي ڇو ته اسان وٽ دنيا ۾ ٻي سڀ کان وڏي نوجوان آبادي آهي، هي اسان جي لاءِ وڏو موقعو آهي ۽ اسان ان مان فائدو کڻنداسين. وزير اعظم چيو ته مون اوورسيز پاڪستانين جو اندازو آهي ته هنن جي پرڏيهه وڃڻ جو سبب ڪهڙو هوندو آهي، هنن جي پهرين ڪوشش هوندي آهي ته پنهنجي خاندان کي پالن، انهن کي سٺي تعليم ڏين پر پوءِ هو پنهنجي ۾ عجيب قصن جو شڪار ٿي ويندا آهن ڇو ته هو پاڪستان اچڻ چاهي ٿو پر هن جا اُتان جا عادي ٿي چڪا آحن ۽ هو پاڪستان اچڻ ئي نٿا چاهن ان ڪري ان صورت ۾ هو اُتي ڦاسي ويندا آهن. مون انگلينڊ ۾ پاڪستانين جا ڪيترائي نسل ڏٺا ۽ انهن جا مسئلا به ڏٺا. وزير اعظم خاص طور اوورسيز پاڪستانين کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان کي زندگي ۾ هڪ فيصلو ڪرڻو هوندو آهي توهان جي زندگي جو مقصد ڇا آهي، اِهو توهان پنهنجي پاڻ کان سوال پڇندا آهيو ۽ جيڪي ان جو صحيح جواب ڏيندا آهن اُهي ماڻهو دنيا ۾ مٿي به ويندا، عزت به ٿيندي، انهن جي دل ۾ سڪون به ايندو آهي پر جيڪي ماڻهو غلط فيصلا ڪندا آهن ۽ انهن کي سمجهه ۾ ناهي ايندو ته زندگي جو مقصد ڇا آهي ته انهن کي  ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *