ڊيئر ڪامريڊ جي ڪاميابي رشميڪاکي شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو

 

نئين دهلي (شوبز نيوز) ڊيئر ڪامريڊ جي ڪاميابي رشميڪا مندانا کي شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو آهي. رشميڪا مندانا ڊيئر ڪامريڊ فلم ۾ مرڪزي ڪردار نڀايو آهي، جنهن ۾ سندس اداڪاري کي تمام گهڻو ساراهيو پيو وڃي. ڊيئر ڪامريڊ جي ڪاميابي رشميڪا مندانا جي ڪيريئر جو ٽرننگ پوائنٽ ثابت ٿي آهي. فلم جي ڪاميابيءَ کانپوءِ اداڪاره پنهنجي معاوضي ۾ به واڌ ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته مختلف فلمسازن پڻ ساڻس رابطا ڪري شروع ڪري ڇڏيا آهن. کيس وڌيڪ فلمن جي آڇ ٿي رهي آهي. سوشل ميڊيا تي به سندس اداڪاري جي ساراهه ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *