ڊونيڊن ٽيسٽ ۾ نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي سريلنڪا کي 122 رنسن تان مات

ڊونيڊن (اسپورٽس نيوز) ڊونيڊن ٽيسٽ ۾ نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا کي 122 رنسن تان مات ڏئي ڇڏي،ميچ جي آخري ڏينهن تي سريلنڪا کي ميچ کٽڻ لاءِ  وڌيڪ 296 رنسون جڏهن ته نيو زي لينڊ کي 7 وڪيٽن جي ضرورت هئي،نيو زي لينڊ بالر نيل وينگز جي شاندار بالنگ نيوزي لينڊ کي ميچ ۾ ڪاميابي ڏياري،ميچ جي چوٿين ڏينهن تي سريلنڪا کي مهمان ٽيم 405 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو هو،پر پوري ٽيم 282 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.ٻي اننگ ۾ سريلنڪا پاران دنيش چندي مل بهترين راند کيڏي 58 رنسون جوڙيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *