ڊسڪا واقعو: مارجي ويل ٻن وڪيلن جي تدفين، واقعي خلاف شهر بند، سڄي ملڪ ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ

ڪراچي (نمائندن وٽان) ڊسڪه واقعي ۾ مارجي ويل ڊسڪه بار جي صدر رانا خالد عباس ۽ وڪيل عرفان چوهاڻ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ چوڌري سرور ۽ ٻن سياسي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اسلام آباد، لاهور، ملتان، فيصل آباد، ڊسڪه، گجرانوالا، سيالڪوٽ، رحيم يار خان، سميت پنجاب جي اڪثر شهرن ۾ عدالتي ڪارروايون جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي. رحيميار خان ۾ ڊسڪه واقعي خلاف وڪيلن احتجاجي مظاهرو ڪري ڊي آءِ ڊي آفيس جا تالا ٽوڙي ڇڏيا، جڏهن ته مظاهرين پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي.  وڪيلن ۽ پوليس ۾ ڇڪتاڻ جي خدشي سبب لاهور هاءِ ڪورٽ جي سڪيورٽي پوليس بدران رينجرز حوالي ڪئي وئي آهي. خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان صوبن جي اڪثرن شهرن ۾ به عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري مظاهرا ڪيا ويا آهن. واقعي خلاف وڪيلن جي مختلف بار ايسوسيئيشن پاران اجلاس منعقد ڪري مذمتي ٺهراءَ پڻ منظور ڪيا ويا. واضح رهي ته گذريل ڏينهن پوليس جي فائرنگ ۾ 2 وڪيل مارجي ويا ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *