ڊرون حملا ملڪي سرحد جي نقصان ۾ آهن، عالمي سطح تي آواز اٿاريو وڃي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو) جمعيت علماءِ اسلام جي امير مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته وطن تي ڊرون حملا ملڪي سرحدن جي نقصان ۾ آهن، انهن کي روڪرائڻ لاءِ عالمي سطح تي آواز اٿارڻ جي ضروت آهي، هڪ طرف وطن کي ناڪام رياست بڻائڻ لاءِ سازشون ٿي رهيون آهن ته ٻئي طرف سرحدن جي خلاف وزي جي مشڪلاتن کي وڌايو پيو وڃي، هن اتر وزيرستان دتا خيل ۾ ٿيندڙ ڊرون حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڊرون حملن ذريعي بين الاقوامي اصولن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي،دشمن ان نازڪ حالتن مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، مرڪزي ميڊيا سيل موجب هو پارٽي اڳواڻن مولانا عبدالغفور حيدر، محمد امجد خان، مفتي ابرار احمد، محمد اسلم غوري سان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪري رهيو هو. مولانا فضل الرحمان چيو ته ان واقعن تي عالمي ادارن سان ڳالهائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته هڪ طرف ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جاري آهي ۽ ٻئي طرف ڊرون حملا جاري آهن، ملڪ هن وقت نازڪ موڙ تي بيٺل آهي، هن چيو ته آءِ ڊي پيز جي باعزت واپسي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *