ڊبليو ڊبليو اي خاص بيلٽ دبنگ اسٽار سلمان خان حوالي ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (شوبز نيوز) دبنگ اسٽار سلمان خان کي بالي ووڊ جو باڊي بلڊر اداڪار سمجهيو وڃي ٿو، هي اهڙو انوکو اداڪار آهي جيڪو پاڻ کي جسماني طور تي فٽ رکڻ لاءِ ورزش کي وڌ کان وڌ ٽائيم ڏئي ٿو. سلمان خان پنهنجي تازو رليز ٿيل فلم دبنگ ٿري جو جشن ملهائڻ ۾ رڌل آهي جڏهن ته هاڻي هڪ خاص سبب جي ڪري سندس جشن ٻيڻو ٿي ويو آهي. سلمان خان جي دبنگ فرنچائيز ۾ ڪردار کي بي حد پسند ڪيو ويندو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو ڊبليو ڊبليو اي طرفان هڪ خاص بيلٽ سلمان خان کي تحفي ۾ ڏنو ويو آهي جنهن تي سلمان خان جو نالو به لکيل آهي. جي ها بلڪل ائين ئي ٿيو آهي، ڊبليو ڊبليو اي ڀارت جي ميزبان گلين مينڊونڪا شو جي ميزباني ڪندي خاص طور تي اهڙي خبر جو انڪشاف ڪيو آهي. ٻئي پاسي ڊبليو ڊبليو جي آفيشل ٽوئٽر هينڊل هڪ پوسٽ شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ سلمان خان بيلٽ کڻي بيٺل نظر اچي رهيو آهي ۽ ڪيپشن ۾ لکيل آهي ته دبنگ اسٽار سلمان خان پنهنجي فلم دبنگ ٿري جي رليز جي موقعي تي هڪ خاص بيلٽ سان گڏ نظر اچي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *