ڊاڪٽر عاصم حسين کي دل جو دورو،آئي سي يو ۾ داخل

ڪراچي (بيورو) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي صلاحڪار ڊاڪٽر عاصم حسين کي دل جو دورو پوڻ سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کيس آئي سي يو ۾ داخل ڪيو ويو آهي، نجي ٽي وي چينل جي رپورٽ مطابق ڊاڪٽر عاصمکي رات دير سان دل جو دورو پيو، جنهن کانپوءِ کيس ڪارڊِو نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن جي خاص ٽيم سندس معائنو ڪيو ۽ کيس طبي امداد ڏني پئي وڃي. ذريعن مطابق ڊاڪٽرعاصم جو نويد قمر سوڌو ٻين سينيئر ڊاڪٽرن معائنو ڪيو ۽ سندس وڌيڪ علاج رپورٽون اچڻ کانپوءِ ڪيو ويندو، سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، ڊاڪٽر عاصم جي طبيعت پڇڻ لاءِ دل جي مرضن واري قومي اداري پهتو، جنهن کي ڊاڪٽر عاصم سان ملاقات جي اجازت ڏني وئي. ڊاڪٽر عاصم جي مائٽن جو چوڻ هو ته کيس بلڊ پريشر ۽ شگر جو مرض آهي پر دل جو دورو پهريون ڀيرو پيو آهي، جنهن  جو ڊاڪٽرن جي ٽيم معائنو ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *