ڊاڪٽر عاصم جا امتحان ختم ٿي ويا، مصطفيٰ ڪمال جي پويان اسٽيبلشمينٽ آهي: اعتزاز احسن

لاهور(م.ڊ) سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر اعتزاز احسن چيو آهي ته ڊاڪٽر عاصم جا امتحان ختم ٿي چڪا آهن، مصطفيٰ ڪمال جي پويان اسٽيبلشمينٽ آهي. صدر بابت بلاول جو بيان قائد اعظم جي سوچ مطابق هو. نجي ٽي وي چينل ”دن نيوز“ جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته آصف زرداري وطن واپس اچي ويندو. پيپلزپارٽي ۾ عهدن لاءِ ناهيان.

پ پ پروگريسو، ماڊل ۽ لبرل پارٽي آهي. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو صدر بابت بيان قائد اعظم جي وزن موجب هو. هن چيو ته ن ليگ جي حڪومت جڪڏهن ڪمزور ٿيندي آهي ته پيرن ۾ ڪري پوندي آهي. حڪومتي وزير نا اهل آهن. ڌرڻي ۾ نواز شريف حڪومت کي نه پارليامينٽ ۽ جمهوري نظام کي بچايو هو. چوڌري نثار خورشيد شاهه تي بنا جواز الزام هنيا. اعتزاز احسن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر عاصم جا امتحان ختم ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽر عاصم کي گرفتار ڪري ڪراچي ۾ لا اينڊ آرڊر جي صورتحال بهتر نٿي ڪري سگھجي.  هڪ سوال جي جواب ۾ اعتزاز احسن چيو ته مصطفيٰ ڪمال جي پويان اسٽيبلشمينٽ آهيم اسٽيبلشمينٽ ايم ڪيو ايم کي محدود ڪرڻ اهي ٿي. هڪ ٻئي سوال تي اعتزاز احسن چيو ته ٿاڻا ٺاهڻ ريجنرز جو ڪم ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *