ڊالر نه هجڻ ڪري آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو: شوڪت ترين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت آئي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو، افغانستان جي صورتحال ۽ عالمي مهانگائي جي چيلينجز هئا. ڊالر نه هجڻ ڪري آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو. اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ رٿيل انڊسٽريل اينڊ ايڪسپورٽ ورڪشاپ کي خطاب ڪندي شوڪت ترين چيو ته ڊالر جي کوٽ سبب اسان کي ڊالر خريد ڪرڻا پون ٿا ان ڪري ڊالر نه هجڻ سبب اسان کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو. هن چيو ته وزيراعظم جي اڳواڻ ۾ حڪومت پنهنجي شروعات معيشت کي بحال ڪرڻ جي ڪوششن سان ڪئي، وڏي محنت سان معيشت جو رخ درست ڪيو ويو، هن سال معاشي نمو جي شرح ساڍا چار کان پنج سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي، اسان سيونگ ريٽ کي بهتر ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون جنهن لاءِ اسان کي ٽيڪنالوجي جي استعمال سان حڪومتي آمدني وڌائڻي آهي. سندس چوڻ هو ته جٽادار ترقي لاءِ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي موجوده 10 سيڪڙو شرح کي وڌائي 20 سيڪڙو تي کڻي وڃڻو آهي، اسان کي آءِ ٽي ۽ سياحت جي شعبن تي سيڙپڪاري ڪرڻي آهي، اسان کي پنهنجي ايڪسپورٽ حڪمت عملي کي بهتر بڻائڻو آهي، اسان کي پنهنجي صنعتي ۽ زرعي پيداوار وڌائڻ جي ضرورت آهي، اسان کي غذائي تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ فصلن جي پيداوار وڌائڻي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *