ڊالر جي ملهه ۾ ٻيهر اضافو، اوپن مارڪيٽ ۾ 151 رپين جو ٿي ويو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي ملهه ۾ هڪ دفعو ٻيهر اضافو ٿيو آهي. سومر ڏهاڙي ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي ملهه ۾ گهٽتائي ڏٺي وئي پر اڱاري ڏينهن هڪ دفعو ٻيهر ڊالر رپئي جي مقابلي ۾ مضبوط نظر اچي رهيو آهي. ڪاروبار دوران انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 76 پئسا مهانگو ٿيو آهي ۽ ان جي قيمت 150 رپيه 50 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ ۾ ملهه وڌڻ کانپوءِ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رپيو مهانگو ٿي ويو آهي. ايڪسچينج ڪرنسي ايسوسيئيشن موجب اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 151 رپين جو ٿي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *