ڇوڪرين کي عدالت ۾ طلب ڪرڻ کان سواءِ ڪو ٻيو رستو نظر نه پيو اچي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪوهستان وڊيو اسڪينڊ ڪيس ۾ نادران چيئرمين سرن جان بيب ۽ بازيخا بيبي جا تفصيل طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 20 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، جسٽس اعجاز افضل چيو آهي ته جيڪڏهن ڇوڪرين جو جيئرو هجڻ ثابت ٿئي ته معاملو ختم ٿي ويندو، ڇوڪرين کي عدالت ۾ طلب ڪرڻ کان سواءِ ڪو ٻيو رستو نظر نه پيو اچي، عدالت ۾ ڇوڪرين جي سڃاڻپ ڪير ڪندو، ڇوڪرين کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ ۾ گھٻراهٽ ڪهڙي آهي، ان تي والدين جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته قبيلائي رسمن موجب ڇوڪرين کي عدالت ۾ پيش نٿو ڪري سگھجي، جسٽس اعجاز افضل چيو ته علائقي جو دورو ڪندڙ ڪميشن جي رپورٽ تي شڪ پيدا ٿي چڪا آهن، افضل ڪوهستان جي وڪيل چيو ته ڇوڪرين جو ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي سگھجي ٿو ان تي جسٽس اعجاز افضل چيو ته وڪيل صاحب ڇوڪرين جو ڊي اين اي ٽيسٽ ايترو سولو ناهي، جڏهن ته جسٽس مقبول باقر چيو ته ٻن ڇوڪرين نادرا جو رڪارڊ حاصل ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي، ڇوڪرين جو بائيو ميٽرڪ ٽيست ڪرائڻ  ڇو پيا گھٻرايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *