ڇهين آءِ سي سي مينز ورلڊ ٽي 20 ٽورنامينٽ جو پهريون سيمي فائنل مئچ سڀاڻي نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ وچ ۾ کيڏيو ويندو

دهلي(اسپورٽس نيوز) ڇهين آءِ سي سي مينز ورلڊ ٽي 20 ٽورنامينٽ جو پهريون سيمي فائنل مئچ (سڀاڻي) اربع واري ڏينهن نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ وچ ۾ فيروز شاهه ڪوٽله، نئين دهلي ۾ کيڏيو ويندو. مئچ ڊي اينڊ نائيٽ ٿيندو ۽ پاڪتاني وقت مطابق 6 لک 30 منٽن تي شروع ٿيندو. آءِ سي سي وومنز ورلڊ ٽي 20 جي سيمي فائنل لائن اپ مڪمل ٿي وئي، نيوزيلينڊ، انگلينڊ، ويسٽ انڊيز ۽ ميزبان ڀارت ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي. تفصيل مطابق ميگا ايونٽ جو پهريون سيمي فائنل ميچ سڀاڻي اربع واري ڏينهن نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ فيروز شاهه ڪوٽلا، نئين دهلي ۾ کيڏي وينديو. ميگا ايونٽ جو ٻيو سيمي فائنل ميچ 31 مارچ ويسٽ انڊيز ۽ ميزبان ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ انڪهيڊ اسٽيڊيم ممبئي ۾ کيڏي ويندي. ٻيو سيمي فائنل ميچ پاڪستاني وقت مطابق 6 لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندو. ٻن فائنلسٽ ٽيمن وچ ۾ ميگا ايونٽ جو فائنل ميچ 3 اپريل تي کيڏيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *