ڇا گٽر جا ڊڪڻ لڳائڻ به وزيراعليٰ جو ڪم آهي: قائم علي شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شآهه ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي انتظاميه تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪند يچيو آهي ته ڇا گٽر جا ڊڪڻ لڳائڻ به وڏي وزير جو ڪم آهي هن ڪي ايم سي انتظاميه کي شهرين جي مشڪلاتن جو احساس ڪرڻ ۽ جلد ازالي لاءِ هنگامي انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي وڏي وزير ڪي ايم سي انتظاميه کي هدايت ڪئي ته شهر ۾ کليل مين هولز تي فوري طور تي ڊڪڻ لڳائڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن هن وزيراعليءِ انسپيڪشن تيم کي ٻن ڏينهن کان پوءِ شهر جو تفصيلي دورو ڪري کليل مين هولز جو معائنو ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جا حڪم به جاري ڪيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *