ڇا چونڊيل نمائندن کي رڳو شو پيس ڪري رکڻو آهي؟: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن جي اختيارن بابت ڪيس ۾ چئني صوبن جي سيڪريٽريز ۽ ايڊووڪيٽ جنرلز کي طلب ڪري ورتو، جسٽس خلخي عارف ريمارڪس ڏنا آهن ته ڇا چونڊيل نمائندن کي رڳو شوپيس ڪري رکڻو آهي، اهڙين چونڊن جو ڪهڙو فائدو، رڳو ڳالهين سان ڪجهه نه ٿيندو، اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪيا وڃن. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ بئنچ مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن جي اختيارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن جي اختيارن بابت چئني صوبن جي لوڪل گورنمينٽ جي سيڪريٽريز ۽ ايڊووڪيٽ جنرلز کي طلب ڪري ورتو آهي. سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته مڪاني ادارن جي فعال هئڻ بابت اصل حقيقت کان آگاهه ڪيو وڃي. جسٽس خلخي عارف ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا چونڊيل نمائندن کي رڳو شوپيس ڪري رکڻو آهي، اهڙين چونڊن جو ڪهڙو فائدو، رڳو ڳالهين سان ڪجهه نه ٿيندو، اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *