ڇا هي پوليس اسٽيٽ آهي؟ آئين ۽ قانون جا بخيا اڍيڙڻ بند ڪريو: سپريم ڪورٽ

ڪراچي: (م.ڊ) سپريم ڪورٽ گم ٿي ويل ماڻهن جي ڪيس ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ خلاف اپيل تي سنڌ جي پراسيڪيوٽر جنرل کان وضاحت طلب ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس قاضي عيسيٰ فائز ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي تي ٻڌل بئنچ جي آڏو گم ٿي ويل ماڻهن جي ڪيس ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ تي پراسيڪيوشن جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي. جسٽس قاصي فائز عيسيٰ پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ فيض ايڇ شاهه تي سخت ڪاوڙ جو اطهار ڪيو. هن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا هي پوليس اسٽيٽ اهي؟ آئين ۽ قانون جا بخيا اڍيڙڻ بند ڪريو. آئين ۽ قانون کي مذاق بنائي ڇڏيو اٿو. ڇا اوهان شهرين کي گم ڪندڙن جي سهولتڪاري ڪري رهيا آهيو؟سنڌ جي پراسيڪيوٽر جنرل فيض ايڇ شاهه پنهنجي موقف ۾ چيو ته ائين ناهي جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته بالڪل ائين ئي آهي. اوهان سهولتڪاري جو ڪم ڪري رهيا آهيو، اوهان جو ڪم ڇا جوابدارن کي تحفظ ڏيڻ آهي؟ ڇا اوهان ايس ايڇ او آهيو جو ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪندو؟ جسٽس يحيٰ آفريدي پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڏک ٿيو رياست هڪ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ آئي آهي. شهري محمد اقبال پٽي چيو ته منهنجي ڀاءُ محمد نديم پٽيل کي سي ٽي ڊي انچارج راجا عمر خطاب اغوا ڪيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ راجا عمر خطاب خلاف ايف آءِ آر جو حڪم ڏنو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سنڌ جي پراسيڪيوٽر جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو اوهان ڪهڙي حيثيت ۾ اها اپيل داخل ڪئي؟ ڇا راجا عمر خطاب ايترو طاقتور آهي جو اوهان جي اداري کي هلائي رهيو آهي؟ راجا عمر خطاب جي بجاءِ اوهان کي اپيل جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ اوهان کي ايس ايڇ او جا اختيار ڪڏهن کان ملي ويا؟ جسٽس يحيٰ آفريدي ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڏک ٿيو ته رياست هڪ ايف آءِ آر جي خلاف اپيل داخل ڪري رهي آهي. گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته حق ڏيو ته نالو شامل ٿي سگهي ته ڪنهن اغوا ڪيو. ايف آءِ آر غلط داخل ٿئي ته ڪٽرائيندڙن جي خلاف اوهان جو حق آهي. سنڌ جي پراسيڪيوٽر جنرل پنهنجي موقف ۾ چيو ته ايف آءِ آر داخل ٿي وڃي هاڻ اسان کي ڪوبه اعتراض ناهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ايف آءِ آر داخل ڪري ڪنهن تي ٿا احسان ڪريو؟ ڇا اوهان احسان ڪري رهيا آهيو اهو ڪري، اوهان جي اها ذميواري آهي، اهو ڪهڙو طريقو آهي جيڪا مرضي اچي اهو ڪريو. ڪهڙي قانون جي تحت اوهان اهو فيصلو ڪيو؟ جنهن کان پوءِ عدالت سنڌ جي پراسيڪيوٽر جنرل کي اپيل داخل ڪرڻ تي وضاحت طلب ڪري ورتي ۽ سومر تي وضاحت سان ٻيهر پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *