چڪوال ۾ روڊ حادثو، 5 ڄڻا مارجي ويا

لاهور (بيورو) پنجاب جي شهر چڪوال ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ پنج ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته جهنگ ۾ آئل ٽنڪر کي باهه لڳڻ سبب  هڪ ڄڻو حياتي وڃائي ويٺو. چڪوال جي علائقي ڪلر ڪهار ۾ موٽر وي تي حادثو پيش آيو جنهن سبب ٻن عورتن سميت 5 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا. پوليس موجب،موٽر وي تي ٽرالر جو وين سان ٽڪر ٿي پيو جڏهن ته فوتين ۾ ٻه عورتون پڻ شامل آهن. پوليس موجب حادثي جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن جهنگ ۾ڊائنا موڙ وٽ آئل ٽينڪر کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو سڙي فوت ٿي ويو ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *