چٽاگانگ ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن واري راند ختم، پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ ٽيانوي رنسن جي ضرورت

چٽاگانگ(اسپورٽس نيوز) چٽاگانگ ٽيسٽ ۾ پاڪستاني ٽيم بنگلاديش طرفان ڏنل 202 رنسن جي حدف تي بنا ڪنهن جي نقصان جي 109 رنسون ٺاهي ورتيون.چٽاگانگ جي ظهور احمد چوڌري ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ چوٿين ڏينهن جي راند تي پاڪستان طرفان عابد علي ۽ عبدالله شفيق ٻئي اننگز ۾ پنهنجي ٽيم کي بهترين شروعات ڏني. ٻنهي رانديگرن پنهنجون 50 رنسون مڪمل ڪيون. چوٿين ڏينهن جي راند ختم ٿي ته عابد علي 56 ۽ عبدالله شفيق 53 رنسن تي وڪيٽ تي موجود هئا. جڏهن ته پاڪستان کي کٽڻ جي لاءِ وڌيڪ 93 رنسون گهرجن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *