چين ۽ پاڪستان سان هڪ ئي وقت جنگ جي امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي: ڀارتي آرمي چيف

نئين دهلي( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي آرمي چيف جنرل بپن راوت ڌمڪي ڏني آهي ته چين ۽ پاڪستان سان ٻن محاذن تي جنگ جي امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي، ننڍيون ننڍيون جنگيون وڏي جنگ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون، حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو. هڪ انٽرويو ۾ جنرل بپن روات چيو ته هو اترين سرحد تي چين ۽ اوڀر جي سرحد تي پاڪستان سان ٻنهي محاذن تي جنگ جي امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته جيستائين اترين سرحد جو تعلق آهي ته پنهنجو پاڻ ڏيکارڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، هلڪي ڦلڪي انداز ۾ واقعا ٿي رهيا آهن، اسان جي حدن کي پرکيو پيو وڃي، اسان کي ان معاملي تي سوچڻو پوندو ۽ مسلسل پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته چين سان جنگ جي صورت ۾ سندس پراڻو ساٿي پاڪستان به شامل ٿي سگهي ٿو، اولهه جي سرحد تي ڇڪتاڻ محدود پئماني يا مختصر عرصي تي ٻڌل هجي يا وري مڪمل جنگ هجي، اتر جي سرحد تي پيد اٿيل

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *