چين پاران ڏنل پيڪيج ۾ سنڌ جو حصو اٽي ۾ لوڻ برابر آهي: وڏو وزير

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته چين پاران ڏنل پيڪيج ۾ سنڌ جو حصو اٽي ۾ لوڻ برابر آهي، چيني صدر جي آجياڻي ۾ شرڪت جي دعوت ئي نه ڏني وئي نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته پنجاب پاران سي جي ڪئنال وهائڻ غيرقانوني آهي، ارسا سي جي ڪئنال وهائي سنڌ اسيمبلي جي قرارداد جي توهين ڪري رهيو آهي وڏي وزير چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ڪيتري ئي وقت کان نه ٿي سگهيو آهي، ان ڪري اسان سي جي ڪئنال کولڻ جي معاملي تي بين الصوبائي رابطن واري وزارت کي خط لکيو آهي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه وفاقي حڪومت کي شڪايت ڪئي ته چيني صدر جي آجياڻي  ۾ وڏي وزير جي حيثيت ۾ کيس گهرائڻ گهرجي ها، پر وفاقي حڪومت کيس دعوت نه ڏني

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *