چين سان اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري جي معاهدن سان پاڪستان ۾ ترقي جا نوان رستا کلندا: شهبازشريف

لاهور (م.ڊ) پنجاب جي وڏي وزير محمد شهبازشريف چيو آهي ته چين وزيراعظم نوازشريف جي قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو چين جي دوري ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري جا معاهدا ٿيا جنهن سان پاڪستان ۾ ترقي جا نوان رستا کلندا چين جي تعاون سان ٺهندڙ منصوبن ۾ شفافيت ۽ اعليٰ معيار هوندو چين جي دوري تان وطن واپس ورڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شهبازشريف چيو ته پاڪ چين دوستي ۾ ڪائي رنڊڪ نٿي اچي سگهي. وزيراعظم نوازشريف جي دوري دوران پاڪستان ۽ چين وچ ۾ 19 معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشت تي صحيون ڪيون ويون جنهن ۾ پاڪ چين اقتصادي راهداري توانائي جا منصوبا اقتصادي ۽ ٽيڪينڪي تعاون جا معاهدا شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *