چيف سليڪٽر انضمام الحق عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

لاهور(اسپورٽس نيوز)  پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ چيف سليڪٽر انضمام الحق سليڪشن ڪميٽي کان الڳ ٿي ويو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيف سليڪٽر انضمام الحق چيو ته آئون ان ذميواري کان الڳ ٿيڻ چاهيان ٿو، 30 جولاءِ کان پوءِ وڌيڪ ذميواريون نٿو نڀائي سگهان. جڏهن ته آئون پنهنجي ٽيم جو شڪر گذار آهيان. مون پنهنجي سليڪشن جا 3 سال مڪمل ڪيا. آئون ڪرڪيٽر آهيان ۽ ڪرڪيٽ منهنجو پيشو  ۽ محبت آهي. سليڪشن کان علاوه بورڊ ڪابه ذميواري ڏئي ته ان لاءِ تيار آهيان.انضمام الحق جو چوڻ هو ته جيڪو مون کي ڪرڻ گهرجي ها اهو مون ڪيو ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جي ڪارڪردگي سٺي رهي.فائنل کيڏندڙ  ٽيمن کي پاڪستان شڪست ڏني. اسان جي ٽيم سٺي هئي. قسمت اسان جو ساٿ نه ڏنو. ٽورنامينٽ جي آخر ۾ وڪيٽون مشڪل  ٿي ويون. ماهرن پاڪستان کي ورلڊ ڪپ کٽڻ وارين ٽيمن ۾ شامل ڪيو هو.چيف سليڪٽر چيو ته پاڪستان ٽي 20 ۾ گذريل هڪ سال کان نمبر ون آهي ۽ 2016 کان هينئر تائين 15 نوجوان رانديگر ٽنهي فارميٽ ۾ کيڏي رهيا آهن ۽ اهي رانديگر ڪيترن ئي سالن تائين پاڪستان جي نمائندگي ڪندا.امام الحق بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته امام الحق انڊر 19 جي ٽيم ۾ 2012 ۾ هو ۽ هو انڊر 19 جو نائب ڪپتان به هو. ان وقت آئون چيف سليڪٽر نه هئس جڏهن ته شعيب ملڪ 19 سال ڪرڪيٽ کيڏي آهي هو سٺو رانديگر آهي پر ورلڊ ڪپ ۾ ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *