چيف جسٽس ٿرڪول منصوبي جي دوري کانپوءِ ان بابت ڪجهه چوي ها ته مناسب ٿئي ها: ناصر شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته چيف جسٽس جيڪڏهن ٿرڪول منصوبي جو دورو ڪرڻ بابت ان منصوبي بابت ڪجهه چوي ها ته مناسب ٿئي ها، سنڌ حڪومت اتي سٺو ڪم ڪيو آهي ٿي سگهي ٿو ته اسان کان ڪا ڪوتاهي ٿي هجي پر اسان جي سوچ هاڪاري آهي، هي سنڌ جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي جنهن سان سڄي پاڪستان کي فائدو ٿيندو، اتي هن وقت تائين 15 ارب رپين کان وڌيڪ رپين جي سيڙپ ٿي چڪي آهي، هتي ڪنهن صوبائي حڪومت پاران ٺاهيو ويندڙ پهريون هوائي اڏو اسلام ڪوٽ بڻايو ويو آهي ۽ ان ئي بنياد تي اهي چئي سگهن ٿا ته ٿر بڻجندو پاڪستان اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل شام هڪ مقامي هوٽل ۾ هڪ اداري اين او ويٽ جي ارسلان احمد ۽ علي ناصر پاران پهرين بزنس اينڊ انڊسٽري ايڪسيلنس ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، جنهن ۾ تعليم، ميڊيا، ٽريڊ ۽ انڊسٽري جي شعبي ۾ نمايا ڪارڪردگي ڪندڙ ماڻهن کي ايوارڊ ڏنا ويا، تقريب کي بلوچستان جي اقليتي معاملن جي وزير، اڳوڻي سينيٽر عبدالحسيب خان، محمد علي جناح يونيورسٽِي جي ايسوسيئيٽ ڊين ڊاڪٽر شجاعت مبارڪ، بلوچستان جو مشهور صنعتڪار سردار شوڪت ۽ ٽي وي اينڪر نديم پڻ خطاب ڪيو، سيد ناصر حسين شاهه چيو ته کيس ڏسي وڏي خوشي ٿي آهي جو هن تقريب ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ڪامياب ماڻهن کي ايوارڊ ڏنا پيا وڃن، سٺو ڪم ڪندڙ ماڻهن جا حوصلا وڌائڻ سان ملڪ ترقي ڪندو، اسان قومي ترقي ۽ خوشحالي جا گهربل حدف حاصل ڪري سگهنداسين، سينيٽر عبدالحسيب خان چيو ته اڄ ملڪ ۾ قومي بجيٽ تي هر طبقي جو ماڻهو پنهنجو اظهار ڪري رهيو آهي، ڪجه چون ٿا ته بجيٽ سٺي آهي ۽ ڪي چون ٿا ته بجيٽ مناسب نه آهي جنهن سان ايندڙ حڪومت کي ڏکيائيون پيدا ٿينديون، هن موجوده حڪومت سان 5 سالن تائين بجيٽ ٺاهڻ ۾ حصو ورتو آهي، اسحاق ڊار 2015 تائين تعليم جي بجيٽ 5 مان 7 سيڪڙو تائين آڻڻ جو واعدو ڪيو هو جيڪو اڄ تائين پورو نه ٿيو آهي، اڄ به ملڪ جا 23 لک ٻارڙا اسڪول وڃڻ کان محروم آهن. ٻئي طرف  سنڌ جي اطلاعات، ليبر ۽ ٽرانسپورٽ کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايف سي ايريا لياقت آباد ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ڪامياب جلسي ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪيون ٿا. سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڪراچي جي ماڻهن ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اهي پيپلز پارٽي تي اعتماد ڪن ٿا. هن چيو ته اڄ ڪراچي جي عوام دهشتگردن جي خلاف فيصلو ڪيو آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ ڪراچي مان پيپلز پارٽي ڪلين سئيپ ڪندي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته خان صاحب ڪجهه به ڪري پر ڪراچي جا ماڻهو هن جي ڳالهين ۾ ڪونه ايندا. جلسي کان اڳ سيد ناصر حسين شاهه ۽ آغا علي نقوي پاران بلاول ڀٽوزرداري لاءِ ٻڪرن جو صدقو پڻ پيش ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *