چيف جسٽس پاران دهشتگردي ۽ عام ڪيسن کي الڳ الڳ ڪري ٻڌڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي صدارت هيٺ دهشتگردي جي خاتمي بابت اجلاس دوران دهشتگردي ۽ عام ڪيسن کي الڳ الڳ ڪري ٻڌڻ جو فيصلو ڪيو ويو، چيف جسٽس ناصر الملڪ چيو آهي ته دهشتگردي جي ڪيسن جي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ڪئي وڃي. اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ناصر الملڪ جي صدارت هيٺ دهشتگردي جي خاتمي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هاءِ ڪورٽس جي چيف جسٽس ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت عدالتن جي انچارج ججن شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس دوران سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس ۾ دهشتگردي جي خاتمي بابت اپيلن جي ترجيح نيادن تي ٻڌڻي ڪرڻ، دهشتگردي ۽ عام ڪيسن کي الڳ الڳ ڪري ٻڌڻ جو فيصلو ڪيو ويو،جنهن لاءِ هاءِ ڪورٽس جي چيف جسٽس کي فوري طور ڪيس الڳ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. پڌرائي موجب اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته دهشتگردي جي خاتمي بابت عدالتن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن دهشتگردي جي خاتمي بابت قانون تي نظر ثاني ڪري. اجلاس دوران هدايت ڪئي وئي ته دهشتگردي جي خاتمي بابت ڪيسن جي حوالي سان نگران جج هر مهيني گڏجاڻي ڪن، جنهن جي ماهوار رپورٽ سپريم ڪورٽ کي اماڻي وڃي. اجلاس دوران ڳالهائيندي چيف جسٽس ناصر الملڪ چيو ته پشاور سانحي سبب هر شخص ۽ پوري قوم زخمي آهي، دهشتگردي جي ڪيسن جي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *