چيف جسٽس وڊيوز جي احتساب جي شڪار بي گناهه نواز شريف کي آزاد ڪري پنهنجو نالو تاريخ ۾ لکرائي: مريم نواز

ڪوئيٽا (اين اين آءِ) ن ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان وڊيوز احتساب جي شڪار بي گناهه نواز شريف کي آزاد ڪري پنهنجو نالو تاريخ ۾ لکرايو، بدترين ڌانڌلي جي نتيجي ۾ قائم ٿيل حڪومت رڳو 4 ووٽن جي سهاري تي بيٺي آهي، ڪٺ پتلي حڪمران عوام کي سرم شار ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه نٿا ڪري سگهن، حڪومت عوام جي ووٽ سان اچڻ ۽ وڃڻ گهرجي، حڪومت آڻڻ ۽ ڪيرائڻ جو حق رڳو پاڪستان جي عوام جو آهي، اها ڳالهه هن جمعي تي ڪوئيٽا ۾ ن ليگ جي سينيئر نائب صدر سردار يعقوب ناصر جي گهر پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪئي. مريم نواز چيو ته ملڪ هلائڻ لاءِ نواز شريف، شاهد خاقان عباسي جهڙن شينهن کي جيل ۾ رکڻو پوي ٿو، جڏهن سينيٽر نه جهڪيا ۽ هار صاف نظر اچڻ لڳي ته هڪ فوٽون ڪاپي جي بنياد تي شاهد خاقان عباسي کي جيل موڪليو ويو، حڪومت هڪ هٿين خالي مريم نواز کان ڊڄي ٿي، منهنجو آواز بند ڪري بلوچستان جي حق تي ڌاڙو هنيو ويو، ڊڄڻڻ، بيڪائو ۽ پنهنجن آقائن اڳيان جهڪڻ وارن جي آواز تي ڪا پابندي نه آهي، حڪمران ان غلط فهمي ۾ نه رهن ته آواز بند ڪرڻ سان منهنجو آواز عوام تائين نٿو پهچي سگهي، هن چيو ته نواز شريف کي عوام جي خدمت ڪرڻ جي سزا ملي رهي آهي، پاڪستان ۾ جيڪو عوام ۾ مقبول هوندو آهي ان کي نشانو بڻائي سزا ڏني وڃي ٿي، جعلي حڪمرانن جو ڊپ ن ليگ جي عوامي طاقت جو اعتراف آهي، آواز بند ڪرڻ جي ضرورت ان لاءِ پيش اچي رهي آهي ڇو ته ن ليگ جي آواز سان جعلي ايوان ڌڏي رهيو آهي، توهان جيترو آواز بند ڪندو ايترو جذبو ۽ مزاحمت ٿيندي، چونڊن کان اڳ 2 سالن تائين بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي ان جي باوجود حڪومت 4 ووٽن تي بيٺي آهي، هن چيو ته تاجرن، ڪاروباري طبقي کي حڪومت تي اعتماد نه آهي، ماڻهو ڪاروبار ڇڏي رهيا آهن، مهانگائي جي شرح 11 سيڪڙو، ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا سڀ کان گهٽ، ڊالر 164 رپين جو ٿي ويو، اسٽاڪ مارڪيٽ روز هيٺ اچي رهي آهي، نالائق خان جي پارٽي کي ڪٿان سپورٽ نه پئي ملي، هن چيو ته اسان چئي پئي سگهياسين اسان کي ڪجهه نه چيو اسان ٻاهر هليا وڃون ٿا، جڏهن حالتون ٺيڪ ٿينديون واپس اينداسين، اين آر او وٺڻ سولو ڪم آهي پر اسان تي جيڪي ڪوڙا الزام لڳا ان تي اسان جيڪو موقف اختيار ڪيو ان لاءِ پنهنجي بيمار امڙ کي ڇڏي وطن واپس آيس ۽ ڪيسن کي منهن ڏنو، مريم نواز چيو ته اقتدار عارضي آهي، جعلي حڪومت ۽ جعلي اعظم جي اقتدار مان وڃڻ کانپوءِ اهو هال ٿيندو جو اسان سوچي به نٿا سگهون، هن حڪومت اقتدار ۾ رڳو دشمن پيدا ڪيا آهن، هي طاقت جو استعمال ڪري عوام جي ووٽ سان آيل حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ ڪلها پيش ڪن ٿا. هن چيف جسٽس آف پاڪستان سان مخاطب ٿيندي چيو ته هو بي گناهه نواز شريف کي وڊيوز واري احتساب جو نشانو بڻايو ويو، چيف جسٽس نه ترديد جوڳن ثبوتن جي بنياد تي قانون ۽ انصاف تي لڳل داغ کي ڌوئي ۽ تاريخ ۾ پنهنجو نالو رقم ڪندي بي گناهه نواز شريف کي عزت سان آزاد ڪري۔

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *