چيف جسٽس ميان ثقاب نثار جي ترڪ صدر طيب اردوان سان ملاقات، عوام جي وچ ۾ محبت ۽ گهري جذباتي لڳاءَ جو ذڪر به ڪيو

استنبول(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب انقره جي شهر ڪونيا ۾ ترڪ صدر طيب اردوان سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ چيف جسٽس پاڪستاني ۽ ترڪ عوام جي وچ ۾ محبت ۽ گهري جذباتي لڳاءَ جو ذڪر به ڪيو. ملاقات دورنا ترڪ صد رجب طيب اردوان چيف جسٽس کي مولانا رومي جي شهر ۾ ڀليڪار ڪيو ۽ پاڪستان سان لاڳاپن بابت به ذڪر ڪيو. بعد ۾ چيف جسٽس ڪونيا ۾ مولانا جلال الدين رومي جي ورسي جي موقعي تي رٿيل تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ چيف جسٽس ترڪي جي آئيني عدالت جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر زوتو ارسلان سان انقره ۾ ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چيف جسٽس پنهنجي ترڪ هم منصب کي پاڪستان جي عدالتي نظام بابت تفصيل سان ٻڌايو ۽ پاڪستان جي عوام جي بنيادي حقن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان طرفان ڪيل بندوبست به ٻڌايا.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *