چيف جسٽس آف پاڪستان غير ضروري نظرثاني درخواستن تي ڏنڊ هڻڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار غير ضروري نظرثاني درخواستن تي جرمانو لاڳو ڪرڻ جو عنديو ڏيئي ڇڏيو آهي ميڊيا رپورٽ مطابق سپريم ڪورٽ ۾ مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار غير ضروري نظرثاني درخواستن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هن ريمارڪس ڏنا ته اسان التوا هيٺ ڪيس اڪلائڻ چاهيون ٿا پهريان ئي نظرثاني درخواستون ڇا گهٽ آهن جو هاڻي ٻين ڪيسن ۾ ان قسم جون درخواستون داخل ڪيون وڃن ٿيون اسان هاڻي احتياط سان ڪم وٺي رهيا آهيون ۽ جرمانو نه هڻي رهيا آهيون جڏهن ته مستقبل ۾ غير ضروري نظرثاني درخواستن تي جرمانو به ٿي سگهي ٿو واضح رهي ته چيف جسٽس ثاقب نثار جڏهن پنهنجي عهدي جو حلف کنيو هو ته سڀ کان پهريان هن وڪيلن پاران ڪيسن جي التوا سميت وڌيڪ غير ضروري درخواستن جي سدباب تي زور ڀريو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *