چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ فرشتا نٿا آڻي سگهون: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌُر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ فرشتا نٿا آڻي سگهون، اميد آهي پهرين ڊسمبر کان پهرين اليڪشن ڪمشنر جي مقرري ٿي ويندي، اسان کي نوجوان اليڪشن ڪمشنر کپي، 4 7 سالا ينگ ماڻهو ملي رهيا آهن، عمران خان جيڪڏهن اعتراض نه ڪري ته کيس چيف اليڪشن ڪمشنر بڻائي ڇڏيون ٿا، وزيراعظم فون ڪئي، مصروفيت سبب فون نه کڻي سگهيس، حڪومت جي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهيون، 0 3 نومبر تي ڪجهه ٿئي نه ٿئي، اهو ڪم حڪومت جي ڏسڻ جو آهي، سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ جي اڱڻ ۾ ڪنهن کي احتجاج جو حق ناهي. پارليامينٽ هائوس۾ پنهنجي چيمبر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته رياست سڀني جي ماءُ آهي، جنهن سان وڙهڻ صحيح نه آهي، ڪجهه سياستدانن حڪومت کي رياست سمجهي رکيو آهي، حڪومت سان وڙهيو وڃي، رياست سان نه، 0 3 نومبر تي وفاقي گادي واري هنڌ ۾ ڇا ٿيندو، اهي ڪم حڪومت جي ڏسڻ جا آهن. مخالف ڌُر جي اڳواڻ چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ سبب دير ٿي، اڄ وزيراعظم نواز شريف فون ڪئي هئي پر اسيمبلي ۾ مصروف هجڻ سبب فون تي ڳالهه نه ٿي سگهي، پرپوءِ اميد آهي ته پهرين ڊسمبر کان پهريان ئي تمام آئيني ۽ قانوني تقاضا پورا ڪري چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري مڪمل ٿي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان نوجوان اليڪشن ڪمشنر چاهيون ٿا، پر بدقسمتي سان 4 7 سالا نوجوان ملي رهيا آهن، ڇا ڪريون، اليڪشن ڪمشنر لاءِ فرشتا نٿا آڻي سگهون جيڪي آهن انهن مان ئي ڪنهن کي بڻائڻو پوندو. سيد خورشيد شاهه چيو ته جيڪڏهن عمران خان کي اعتراض نه هجي ته کيس چيف اليڪشن ڪمشنر لڳائي ڇڏيون ٿا، ان حوالي سان تمام سياسي پارٽين کي مان راضي ڪري وٺندس. هن چيو ته حڪومت جي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهيون، جيڪڏهن پئسو بچائڻ جي پاليسي تي حڪومت عمل ڪري رهي آهي ته پئسو بچائڻ لاءِ وزيراعظم جي غير ملڪي دورن تي به پابندي لڳائي وڃڻ گهرجي، حڪومت لڳاتار پارليامينٽ کي نظرانداز ڪيو. هن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر طاهر القادري ۽ عمران خان جي حوالي سان عدالتي فيصلن تي عمل ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *