چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري: اپوزيشن ليڊر سپريم ڪورٽ کان 3 مهينن جو وقت گهري ورتو

اسلام آباد(بيورو) مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيف اليڪشن ڪميشن جي مقرري لاءِ سپريم ڪورٽ کان ٽن مهينن جو وقت گهري ورتو آهي، اپوزيشن ليڊر چوڌري اعتزاز احسن ۽ رضا رباني جي مدد سان سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست جمع ڪرائي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جو عهدو آئيني آهي جنهن لاءِ وزيراعظم نواز شريف سان مشورو ڪرڻو آهي جڏهن ته وزيراعظم نواز شريف چاهي ٿو ته مستقبل ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ اهڙي ماڻهو جيچونڊ ڪئي وڃي جنهن تي سموريون سياسي تنظيمون متفق هجن درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر مقرري لاءِ نالن تي غور ڪري رهيا آهن جڏهن ته مقرري جي عمل ۾ قانونسازي جي قدمن تي عمل ڪرڻ تي غور ٿي رهيو آهي ۽ ضروري آهي ته بامقصد مشوري ۽ اتفاق راءِ سان چيف اليڪشن ڪمشنر کي مقرر ڪيو وڃي، ياد رهي ته سپريم ڪورٽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ 28 آڪٽوبر تائين ڊيڊلائين ڏني هئي جڏهن ته چيف جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي 30 آڪٽوبر تي ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *