چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري، عمران خان ڊڪٽيشن نه ڏئي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (مانيترنگ ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد ساهه چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي تي اسان کي عمران خان کان ڊڪٽيشن وٺڻ جي ضروت ناهي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته اسان کي جسٽس (ر) ناصر اسلم زاهد جي نالي تي پهريان به خدشا هئا ته هاڻ چيف اليڪشن ڪمشنر طور ان جي نالي تي ڪيئن اتفاق ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي تي اسان کي عمران خان ڪنهن ڊڪٽيشن جي ضروت ناهي، ياد رهي ته تحريڪ انصاف طرفان چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ جسٽس (ر) ناصر اسلم زاهد جو نالو تجويز ڪيو ويو هو جڏهن ته اڄ رحيم يار خان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ اڳوڻي چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني جي نالي کي رد ڪندي چيو ته اسان کي نه ان تي پهريان اعتماد هو ۽ نه هاڻي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *