چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري، حڪومت ۽ اپوزيشن 3 نالن تي اتفاق ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو) حڪومت ۽ آپوزيشن اتفاق راءِ سان چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ ٽي نالا پارلياماني ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيا، پارلياماني ڪميٽي (اڄ) خميس ڏينهن پنهنجي اجلاس ۾ نئين چيف اليڪشن ڪمشنر جي منظوري ڏيندي. اربع ڏينهن وزيراعظم نواز شريف جي هدايت تي ناڻي وزير اسحاق ڊار ۽ مخالف ڌُر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه وچ ۾ تفصيلي ملاقات ٿي جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ٻين پارٽين کان علاوه تحريڪ انصاف کي به اعتماد ۾ ورتو، تحريڪ انصاف ويچار هيٺ ٽنهي اڳوڻن ججن مان ڪنهن جي نالي تي ڪو اعتراض نه ڪيو جنهن تي جسٽس (ر) رضا احمد خان، جسٽس (ر) طارق پرويز ۽ جسٽس (ر) تنوير احمد خان جا ٽي نالا پارلياماني ڪميٽي کي موڪلڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات بعد پارليامينٽ هائوس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي وزير اسحاق ڊار ۽ سيد خورشيد شاهه چيو ته سپريم ڪورٽ طرفان 5 ڊسمبر جي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کان پهريان ئي مشاورت جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي، اسحاق ڊار چيو ته وزيراعظم لنڊن روانگي کان پهريان کيس ان حوالي سان تمام اختيار ڏئي ويو هو ۽ حڪومت جي اها خواهش هئي ته ٽي نالا اتفاق راءِ سان پارلياماني ڪميٽي کي موڪليا وڃن ڇوته ماضي ۾ نگران وزيراعظم جي مقرري لاءِ ٽي ٽي نالا ڪميٽي کي موڪليا ويا هئا. هن چيو ته مخالف ڌُر جي اڳواڻ ۽ قائد ايوان طرفان اسپيڪر کي باضابطا طور تي ٽئي نالا موڪليا ويا آهن ۽ پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس (اڄ) خميس ڏينهن گهرايو ويو آهي. سيد خورشيد شاهه چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ ڊگهي مشاورت ٿي، حڪومت پنهنجي ۽ آپوزيشن پنهنجي اتحادين کي اعتماد ۾ ورتو آهي. هن چيو ته ڪجهه عرصو اڳ ڪجهه نالا شارٽ لسٽ ڪيا ويا هئا پر هڪ پارٽي طرفان اعتراض اچڻ بعد اهو سلسلو ڪٽيو ويو هو ۽ هاڻ سپريم ڪورٽ جي هدايتن جي روشني ۾ اسان اهو عمل مڪمل ڪيو آهي، خورشيد شاهه ٻڌايو ته جيڪي ٽي نالا چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ پارلياماني ڪميٽي کي موڪليا ويا آهن انهن ۾ وفاقي شرعي عدالت جو چيف جسٽس جسٽس (ر) سردار محمد رضا، جسٽس (ر) طارق پرويز ۽ جسٽس (ر) تنوير احمد خان شامل آهن. خورشيد شاهه ٻڌايو ته هن تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي سان رابطو ڪيو آهي ۽ کيس ٽنهي نالن تي اعتماد ۾ ورتو آهي ۽ شاهه محمود قريشي انهن ٽنهي مان ڪنهن نالي تي ڪو اعتراض ناهي ڪيو. هن ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر فاروق ستار، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق، محمود خان اچڪزئي، اسفنديارولي، مير حاصل خان بزنجو، جي يو آءِ جي مولانا عبدالغفور حيدري، آفتاب شيرپائو سميت ٻين پارٽين سان رابطا ڪيا ويا آهن، هن چيو ته 8 1 هين ترميم کان پهريان چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري جو اختيار صرف حڪومت وٽ هوندو هو ۽ اهو اختيار پارليامينٽ کي ڏنو ويو آهي. هڪ سوال تي خورشيد شاهه چيو ته آئين ۾ واضح طور تي لکيل آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ قائد ايوان ۽ مخالف ڌُر جي اڳواڻ ۾ مشاورت ٿيڻ گهرجي ان ۾ ٻين پارٽين جو ڪو ذڪر نه آهي پر اسان اخلاقي روايتون پوريون ڪندي ٻين پارٽين سان رابطا ڪيا آهن، جڏهن اسحاق ڊار ۽ خورشيد شاهه کان اهو سوال ڪيو ويو ته ان ڳالهه جي ڪهڙي گارنٽي آهي ته عمران خان ٻيهر ڪنٽينر تي بيهي انهن معزز جج سڳورن کي تنقيد جو نشانو نه بڻائيندو ۽ ڇا پي ٽي آءِ کان ڪو اسٽيمپ پيپر لکرايو ويو آهي ته هنن چيو ته براه مهرباني اوهان اهڙا سوال نه ڪريو اسان کي اميد آهي ته جيڪا اسان جي ڳالهه شاهه محمود قريشي سان ٿي آهي اهي ان کان پوئتي نه هٽندا، اسحاق ڊار چيو ته نه صرف خورشيد شاهه پر منهنجي به شاهه محمود قريشي سان انهن ٽنهي نالن تي مشاورت ٿي آهي ۽ اسان آئين تي عمل ڪيو آهي، مولانا عبدالغفور حيدري سان رابطو ڪيو. هڪ سوال تي هن چيو ته انتخابي سڌاري جي ڪميٽي پنهنجا ڪم ڪري رهي آهي، هن وقت آئين ۾ اهو لکيل آهي ته سپريم ڪورٽ جو ريٽائرڊ جج ئي چيف اليڪشن ڪمشنر بڻجي سگهي ٿو پرپوءِ خورشيد شاهه هڪ تجويز ڏني هئي ته ججن کان علاوه ريٽائرڊ بيوروڪريٽس کي به چيف اليڪشن ڪمشنر بڻايو وڃڻ گهرجي پر اڃا تائين آئين ۾ اهڙي ڪا ترميم ناهي آندي وئي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته هاڻ اسان معاملو ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيو آهي پارلياماني ڪميٽي جو اهو ڪم آهي ته اها جنهن جي حق ۾ به فيصلو ڪندي اميد آهي اهو معزز شخص ان ذميداري کي سهڻي طريقي سان ادا ڪندو ۽ ڪو مسئلو پيدا نه ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *