چيف اليڪشن ڪمشنر جو اليڪشن ڪميشن جي معاملن ۾ عدالتي مداخلت تي ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد (بيورو) چيف اليڪشن ڪمشنر، جسٽس رٽائرڊ سردار رضا، اليڪشن ڪميشن جي معاملن ۾ عدالتي مداخلت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ووٽرز فهرستن مان نالا ڪڍڻ يا شامل ڪرڻ اي سي پي جو اختيار آهي، هاءِ ڪورٽ ان حوالي سان حڪم جاري ڪن پيون، ڇا هو 45 سالن کان جاٺا هڻي رهيا آهن.؟ چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا اسلام آباد ۾ مختلف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي ريمارڪس ڏيندي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ووٽر فهرست ۾ نالا شامل ڪرڻ يا خارج ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو آئيني ۽ قانون اختيار آهي پر ان بابت به هاءِ ڪورٽس کين حڪم ڏئي رهيون آهن. هن چيو ته وڪيل ٻڌائي ته اليڪشن جي معاملن جو اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ آهي يا اهڙا اختيار هاءِ ڪورٽس کي آهن. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته هو 45 سالن کان جاٺا نه پيا هڻن، هاءِ ڪورٽس کين ووٽر فهرست ۾ نالو شامل ڪرڻ يا خارج ڪرڻ بابت ڪيئن پيون حڪم جاري ڪن. جسٽس رٽائرڊ سردا رضا چيو ته وڪيل اليڪشن جي معاملن ۾ اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪرڻ بدران هاءِ ڪورٽس جا حڪم کڻي ايندا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *