وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ 4 نالا شارٽ لسٽ ڪري ورتا

اسلام آباد(بيورو) حڪومت ۽ اپوزيشن چيف اليڪشن ڪمشنر جي لاءِ 4 نالن جي فهرست تيار ڪري ورتي آهي وزيراعظم نواز شريف ۽ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ 4 نالا شارٽ لسٽ ڪري ڇڏيا آهن جن ۾ وفاقي شرعي عدالت جو چيف جسٽس جسٽس سردار رضا، جسٽس (ر) شاڪر الله، جسٽس (ر) طارق پرويز ۽ جسٽس (ر) ميان محمد اجمل جا نالا شامل آهن ذريعن مطابق وزيراعظم نواز شريف برطانيه وڃڻ کانپوءِ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو جنهن ۾ ايندڙ چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ انهن چئن نالن تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي جڏهن ته خزاني واري وزير اسحاق ڊار به خورشيد شاهه کي ٽيليفون ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي تي مشاورت ڪئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *